لال مسجد جي خلاف مسلسل جاکوڙيندڙ ۽ سماجي فعال ڪارڪن جي شهادت

در . ڪراچي

باي ذنب قتلت
هڪ ڀيرو ٻيهر ولين جي ڌرتي سنڌ کي ناحق رت سان رنگين ڪيو ويو.
گوليان پانچ لگين پورا يہ آرمان هوا 
بس اسي طرح پنجتن پہ مين قربان هوا
پوري دنيا خاص ڪري پاڪستان کي شيعه نسل ڪشي کان آگاه رکڻ وارو، هر سانحي کان پوءِ احتجاج ڪري ايوانن ۾ مظلومن جو آواز پهچائڻ وارو، اهل بيت عليهم السلام جو حقيقي پيروڪار، نڊر ۽ بهادر انسان جنهن اهل بيت عليهم السلام جي دشمنن کي سوشل ميڊيا توڙي هر ميدان ۾ سراپا ذلت بڻائي ڇڏيو. دنيا جي بدترين مخلوق سپاھ يزيد هٿان شهادت جو جام پي هميشه لاءِ زندھ بڻجي ويو. سلام آهي ”خرم زڪي“ جي مجاهداڻي زندگي تي جنهن حق جي حمايت سبب پنهنجي حقيقي رهبرن ائمه معصومين عليهم السلام جي پيروي ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪيو. لعنت آهي انهن پليد انسانن تي جن حق ۽ سچ جي ان پرواني جي ظاهري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو. ناحق خون وهائيندڙ انهن درندن جي ان ظلم جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. 
اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته: انهن درندن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
ان دردناڪ سانحي تي سڀني مؤمنين خاص طور تي شهيد جي وارثن، رهبر معظم ۽ امام زمانه (عج) جي بارگاهه ۾ تعزيت ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا. الله سائين وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ شهيد کي ڪربلا جي شهيدن سان محشور فرمائي.آمين

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 9 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي