نادرا جو ڪمال

در . ڪراچي

5683c211ac834نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) ڪراچي جي 31 ورهين جي نوجوان کي 131 ورهين جو ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي رهاڪو سليم ميمڻ کي نادرا 9 مهينا اڳ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو هو. ذريعن مطابق سڃاڻپ ڪارڊ مطابق نوجوان سليم ميمڻ جي ڄم جي تاريخ 3 ڊسمبر 1884ع لکي وئي آهي،جڏهن  ته سليم جي اصل ڄم جي تاريخ 3 ڊسمبر 1984ع آهي،اهڙي ريت 31 ورهين جي نوجوان جي عمر ان جي سڃاڻپ ڪارڊ مطابق 131 سال ٿي وئي آهي.سليم ميمڻ کي جاري سڃاڻپ ڪارڊ تي جاري ڪرڻ جي تاريخ 1 مارچ 2015 آهي،جڏهن ته ان تاريخ جي ختم ٿيڻ واري جاءِ تي تاحيات لکيو ويو آهي.سليم ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو نادرا جي آفيس جي ڪيترائي چڪرا ڪاٽي چڪو آهي پر غلطي ٺيڪ نه پئي ڪئي وڃي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 57 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي