وڏو وزير سيوهڻ پهچي ويو

در . ڄامشورو

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي ويو آهي، وڏي وزير قلندر لال شهباز جي درگاهه تي پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ اسپتال ۾ وڃي زخمين جي عيادت پڻ ڪئي. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪن ملي ڪم ڪري رهيا آهيون، زخمين لاءِ وڌ کان وڌ رت جي ضرورت آهي، سي ون ۳۰ اسٽينڊ باءِ آهي، ضرورت پئي ته ان کي استعمال ڪيو ويندو. زخمين جو علاج اسان جي پهرين ترجيح آهي، زخمين کي هر ممڪن طبي سهولت ڏني ويندي. هن زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن جي عيادت جي لاءِ سيوهڻ جي تعلقي اسپتال پهتو. سيوهڻ ڌماڪي کان پوءِ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه زخمين جي عيادت جي لاءِ سيوهڻ جي تعلقي اسپتال ۾ پهتو، هن انتظاميا کي زخمين جي علاج جون هدايتون ڏنيون. هوڏانهن سنڌ حڪوت سانحي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته زخمين جو علاج اسان جي پهرين ترجيح آهي. اوليائن جي مزار تي حملو ڪندڙ وحشي، ڪافر ۽ جانور آهن، قوم دهشتگردن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سي ون ٿرٽي جهاز تيار آهن وقت پوڻ تي انهن کي استعمال ڪيو ويندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 99 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي