شعيه ڪلنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي:علامه مختار امامي

در . ٽنڊو محمدخان

مجلس وحدت مسلمين جي مرڪزي ترجمان علامه مختار احمد امامي يعقوب حسيني محب ڀٽو محمود الحسن مولانا محمد بخش غذيري  پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شيعا نسل ڪشي ۽ ملڪ ۾ فرقا واريت کي هٿي ڏيڻ، پابندي مڙهيل تنظيمون کي آزادي سان ڪم ڪرڻ  جي آزادي ڏني وئي آهي ڪم ۾ ڪيتري عرصي کان وٺي مسلسل شيعه نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي جڪو هڪ سواليا نشان آهي جڏهن ته ايڪشن ڪميٽي پڻ نشان ٿي وئي آهي هنن چيو ته ضرب عضب آپريشن کي سياسي مفادن لاءُ استعمال ڪيو پيو وڃي پاره چناه ڊيره غاري ڪراچي ۽ ملڪ جي بين شهرن ۾ پڻ مسلسل ٽارگيٽ ڪلينگ ڪئي پئي وڃي  هنن چيو ته راجه ناصر عباس جعفري ملڪ جي مفادت جي لاءُ اسلام آباد  پريس ڪلب سامهون مسلسل 16 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل آهي پر حڪومت طرفان ڪابه  سار نه لڌي وئي آهي جڏهن ته بک هڙتال ۽ احتجاج پنهنجي جائز مطالبن لاءُ ڪيا ويندا آهن پر هتي اهڙن جائز احتجاجن ۽ بک هڙتالن ۽ ڌرڻن ڏانهن ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي جيڪو اهڙو قدم ڏکوئيندڙ عمل آهي  هنن چيو ته هن وقت ملڪ جي صورت حال ڳنڀير ٿيندي پئي  وڃي،بنا ڪنهن سبب ڪرم ايجنسي جي محب وطن ماڻهن کي  تنگ ڪيوپيووڃي.اهڙن ماڻهن کي ملڪ دشمن  قرار ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن،پرهو محب وطن ماڻهون آهن هنن چيو پاراه چنار جي عوام سان ٿيندڙ ظالمانو سلوڪ جو مذڪوره انتظاميه کي هاڻي جواب ڏيڻو پوندو هنن وڌيڪ چيو پاڪستان ۾ هر روز  بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جيڪو پاڪستان جي بدنامي آهي هن وڌيڪ چيو ته شيعه نسل ڪشي خلاف ملڪ گير آپريشن ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ جي مختلف شهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن بک هڙتالن تي ويٺل آهن پرافسوس هنن کان حڪومت پاران ڪوبه پڇڻ وارو ناهي ۽ نه ئي واري سندن مطالبا مڃيا پيا وڃن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 10 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي