آصف علي زرداري سعودي عرب ۾ پنهنجي ڳوٺاڻن سان به ملاقات ڪئي

در . نوابشاه

Asif-Ali-Zardari_2094297c-770x470اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مديني ۾ رهندڙ ملڪ جي ٻين حصن سوڌو سنڌ واسين سان پڻ ملاقات ڪئي، نوابشاهه جي ڳوٺ حاجي وزير خان سيٺار جي رهواسين حاجي ربنواز سيٺار حاجي غريب نواز سيٺار ٻڌايو ته سعودي عرب اچڻ تي سنڌ واسين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مديني ۾ رهائش تي وڃي ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جو پاڻ ۾ ڀائيپي وارو رشتو آهي جيڪو هميشه قائم رهندو. هن چيو ته سعودي عرب ۾ روزگار لاءِ رهندڙ لکين پاڪستانين تي سندس کي فخر آهي جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري ناڻو پنهنجي وطن موڪلي ملڪ جي ترقي ۽ ملڪ جي عوام جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار شانائتي نموني ادا ڪري رهيا آهن، حاجي ربنوار سيٺار ٻڌايو ته ملاقات جو وقت ملڻ تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، هن چيو ته عوام اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ڊگهي ڄمار لاءِ خصوصي دعائون گهريون.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 10 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي