نواب شاهه ۾ گئس ليڪ

در . نوابشاه

تاج ڪالوني نواب شاھ ۾ سوئي گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر ڌياڻي مسمات نصرت ۽ سندس مڙس پوليس ڪانسٽيبل محمد اسماعيل زرداري کي باھ  لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي زال مڙس زخمي ٿي پيا،جن کي نواب شاھ جي پي ايم يو اسپتال پهچايو ويو، جتي انهن جو علاج جاري آهي. ڊاڪٽر طفيل ڪونڌر ۽ ڊاڪٽر سجاد ٻڌايو ته زخمين جو جسم باھ ۾ 70 کان 80 سيڪڙو سڙي ويو ۽ هنن جي ٻاهرين چمڙي به سڙي وئي آهي جڏهن ته زخمين جو اندريون جسم به سخت متاثر ٿيو آهي. پاڙي سري خادم حسين جسڪاڻي ۽ مٿين جاءِ ۾ رهندڙ عبدالجبار عباسي ٻڌايو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، اسان سمجھو ته زلزلو اچي ويو آهي، اسان هيٺ لٿاسين ته ٻنهي زال مڙس کي باھ لڳل هئي ۽ اسان پاڻي هاري باهه وسائي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 13 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي