ٿر ڪول ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو

در . مٺي

Thar Parkar Sindh map ٿرڪول يوسي جي گئسيفڪيشن بلاڪ پنج تي بجلي پيدا ڪرڻ جو پهريون تجربو ڪامياب ٿيڻ جي يو سي انتظاميا تصديق ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب ته ڪالهه يوسي جي بلاڪ پنج تي گئسون ٺهڻ بعد ٻن جنريٽرن تي بجلي جو تجربو ڪامياب ڪيو ويو آهي. شروعاتي مرحلي ۾ پنج ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي تصديق ڪيئ ويئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي يو سي جي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر ثمر مبارڪ تصديق ڪندي چيو ته بلاڪ پنج تي پهرين مرحلي ۾ پنج ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ٿيو آهي. ٿر واسين کي مبارڪباد ڏيون ٿا. اسين شروع ۾ 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا هئاسين. پنج ميگاواٽ جو تجربو ڪامياب ويو آهي. هڪ جنريٽر تي گئسون ٺاهي تجربو ڪامياب ڪيو آهي. هاڻي ٿر روشن ٿي ويندو. هي پنج ميگاواٽ بجلي اسين سنڌ حڪومت حوالي ڪنداسين. حڪومت وري جيئن پسا ڏيندي ته وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي ويندي. جلد وڌيڪ منصوبوڪامياب ٿيندو. رابطي تي يو سي جي جي ايم ڊي ڊاڪٽر شبير ٻڌايو ته بجلي جو تجربو ڪامياب ويو آهي. وڌيڪ گئسون ٺهن پيون. قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل وسند ٿري چيو ته بجلي پيدا ڪرڻ واري دعويٰ هڪ ڊرامو آهي. پئسا هڙپ ڪرڻ لاءِ ڍونگ ڪيو ويو آهي. سڀ ڪوڙآهي.ثمرمبارڪ ۽ يو سي وارا ڊرامو ڪري وڌيڪ پئسا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ايس ٽي پي ضلعي صدر گهنشام مالهي چيو ته اڳ ۾ به يو سي وارن هڪ ڊرامو ڪيو هو ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جيڪو بعد ۾ ڪوڙ ثابت ٿيو. يو سي جي پروجيڪٽ تي ڪامياب ٿيو يا نه؟ اسلام ڪوٽ سميت ٿر واسي حيران، ذيعن کان مليل ڄاڻ موجب ته اندروني طور جنريٽر ذريعي گئس کي باهه ڏيئي تجربي کي ڪامياب ڏيکاريو ويو آهي. 3 سال اڳ ۾ به اهڙي دعويٰ ڪئي ويئي هئي پر بعد ۾ سچي ثابت نه ٿي هئي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 8 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي