مٺي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو

در . مٺي

مٺي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿرپارڪر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽ ريورس آسموسس (آر او) جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو، آر او پلانٽ ۾ روزانو 20 لک گيلن کاري پاڻي کي مٺو بنائڻ جي صلاحيت آهي جنهن سان مٺي، اسلام ڪوٽ، نئون ڪوٽ سميت ٿرپارڪر جي 100 کان وڌيڪ ڳوٺن کي مٺي پاڻي جي سهولت موجود هوندي، آر او پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه، صحت وارو وزير ڄام مهتاب ۽ بختاور ڀٽو زرداري به موجود هئا ان موقعي تي آصف علي زرداري  جو چوڻ هو ته عوام جي خدمت ئي پيپلز پارٽي جو منشور آهي، 60 سال ۾ ٿر جي عوام کي صاف ڏئي اسان ڪو احسان ناهي ڪيو، ٿر سنڌ جو سون آهي ۽ اسان کي ان جي خدمت ڪرڻي آهي، هن جو چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته پوري صوبي جي ٽيوب ويلز کي سولر سسٽم تي منتقل ڪري ڇڏيو، پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي پوري ٿر ۾ مٺِ پاڻي جي سهولت فراهم ڪنداسين، ياد رهي ته ريوورس آسموسس واٽر فلٽر پلانٽ کي 94 ڪروڙ 20 لک روپين جي لاڳت سان تعميت ڪيو ويو آهي جيڪو مڪمل طور تي سولر سسٽم سان هلندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 6 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي