جيڪب آباد جي ٻن تاريخي مسجدن جي اڏاوت دوران ڪروڙن جي ڪرپشن جو انڪشاف

در . جيڪب آباد

جيڪب آباد جي تاريخي مسجدن جامع مسجد زنگي پور ۽ جامع مسجد حيدر پور واگهو تي ڪروڙين رپين جي بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود ڪم نه ڪرائڻ وارين عوامي شڪايتن تي صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه سيد سردار علي شاهه اوچتو سيڪريٽري ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه اڪبر لغاري سوڌو جيڪب آباد پهتو ۽ جامع مسجد زنگي پور ۽ جامع مسجد حيدر پور واگهو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيڪب آباد جي ٻنهي تاريخي مسجدن جو ڪم نه ٿيڻ واري عوامي شڪايتن تي هتي پهتو آهيان، مسجدن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته سموريون شڪايتون درست هيون، صوبائي وزير جيڪب آباد جي ٻنهي تاريخي مسجدن جامع مسجد زنگي پور ۽ جامع مسجد حيدر پور واگهو تي ڪرپشن جو اعتراف ڪندي چيو ته ٺيڪيدار تاريخي مسجدن جي سونهن کي برقرار رکڻ بدران سندن سونهن ۽ تاريخي حيثيت تي سخت نقصان پهچايو آهي، صوبائي وزير چيو ته آرڪيالاجي جو سڀ کان پهريون اصول هوندو آهي ته جيڪا تاريخي عمارت آهي، جيڪڏهن اوهين ان کي بهتر نه ٿا بڻائي سگهو ته کيس ساڳئي حالت ۾ رهڻ ڏيو پر ٺيڪيدار رڳو ڪم ڏيکارڻ لاءِ مسجدن جي تاريخي حيثيت بگاڙي ڇڏي آهي، هن چيو ته تاريخي عمارت ۾ سوراخ ڪري ڪوازا لڳائڻ هڪ ڏوهه آهي، هي ٺيڪيدار نه پر ڏوهاري آهي، جنهن خلاف سخت کان سخت ايڪشن کنيو ويندو، صوبائي وزير سيد سردار شاهه وڌيڪ چيو ته آءُ پاڻ به سول انجينئر آهيان، ثقافتي عمارت ۾ ٺيڪيدار کي سوراخ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي پر هنن جڳهه جڳهه تي عمارت ۾ سوراخ ڪيا آهن ۽ جيڪو ڪاسي جو ڪم متاثر ٿيل هو، هن کي هڪ ٽيڪنالاجي تحت ساڳئي حالت ۾ آڻڻو هو پر ٺيڪيدار هن کي درست ڪرڻ بدان اتي لاپي ڀري ڇڏي آهي، صوبائي وزير سيد سردار سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري کي هدايتون ڏيندي چيو ته ٺيڪيدار ۽ سندس بل جاري ڪندي انجنيئرن رياض ڀٽو ۽ تسليم آرائين خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪري مامري جي جاچ ڪئي وڃي ۽ انجنيئرن کي ترت هٽائي سندن خلاف ڌار سان محڪماڻي جاچ شروع ڪئي وڃي. ان موقعي تي موجود سيڪريٽري ثقافت  اڪبر لغاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺيڪيدار مسجدن جي ڪم ۾ ڪرپشن ڪري پنهنجي لاءِ مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون آهن، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ رهيل رقم ۽ ڪمن تي جمع ڪرايل سيڪيورٽي واري رقم به واپس نه ڪئي ويندي ۽ ٺيڪيدار کان سمورو ڪم نئين سر کان معيار مطابق پڻ ورتو ويندو. هوڏانهن صوبائي وزير جيڪب آباد وچ شهر ۾ قائم تاريخي وڪٽوريا ٽاور جو پڻ دورو ڪيو، جنهن تي زبون حالي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي ڊي سي ون کان پڇاڻو ڪيو ته وڪٽوريا ٽاور بابت ملندڙ فنڊ ڪيڏانهن ويندا آهن، جڏهن ته صوبائي وزير وڪٽوريا ٽاور جي بحالي لاءِ فنڊ رکي ڪم ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي مسجدن جي ٺيڪيدار حاجي ولي الله ڀٽو جو چوڻ هو ته صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري ڪجهه به چون مونکي جيتري رقم ملي آهي، مون ان کان وڌيڪ ڪم ڪرايو آهي، هر قسم جي جاچ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. واضح رهي ته جيڪب آباد جي ٻن تاريخي مسجدن جامع مسجد زنگي پور ۽ جامع مسجد حيدر پور واگهو تي مجموعي طور 5 ڪروڙ 60 لک 39 هزار رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ثقافت،سياحت ۽ آثار قديمه کاتي پاران ٻنهي مسجدن جي زبون حالي کي نظر ۾ رکندي مسجدن تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 39 لک 4 هزار رپيا رکي شڪارپور جي ٺيڪيدار ولي الله ڀٽو جي ڪمپني ايم ايس حذب الله ڀٽو کي ورڪ آرڊر جاري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٺيڪيدار جامع مسجد زنگي پور صوبائي اي ڊي پي نمبر 105 تي مختلف تاريخن 10 جولائي 2015ع، 14 سيپٽمبر 2015ع ۽ 29 سيپٽمبر 2015ع  مجموعي طور 2 ڪروڙ 83 لک 15 هزار رپيا خزاني آفيس مان ڪڍرايا ويا، جڏهن ته رڳو فرنيچر، نکون، اسپيڪر، المارين ۽ رحلن جي مد ۾ 62 لک 71 هزار رپيا ڪڍرايا ويا آهن، جڏهن ته سرزمين تي ڪا به شيءِ موجود ڪونهي. ٻئي پاسي ساڳئي ڪمپني پاران تاريخي جامع مسجد حيدر پور واگهو صوبائي اي ڊي نمرب 106 تي مختلف تاريخن  10 جولائي 2015ع، 4 سيپٽمبر 2015ع ۽ 14 سيپٽمبر 2015ع تي مجموعي طور 2 ڪروڙ 77 لک 24 هزار رپيا ڪڍرايا ويا ۽ ساڳي ريت رڳو فرنيچر، نکون، اسپيڪر، المارين ۽ رحلن جي مد ۾ 71 لک 80 هزار رپيا هڙپ ڪيا ويا.
منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 19 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي