وڏي وزير ۽ شيعا اڳواڻن ۾ ڳالهيون ڪامياب، ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان

در . جيڪب آباد

CSF6yAlVEAEsmhlتحفظ عزاداري ڪائونسل پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ  ۽ سڀئي جائز ڳالهيون تسليم ڪرڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تفصيل مطابق  سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ شعيا اڳواڻن وچ ۾ 5ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون جنهن ۾ ٻه دور بنا نتيجي ختم ٿيا ۽ آخري ڳالهين جي دور ۾  سيد قائم علي شاهه،مير هزار خان بجاراڻي، سيد ناثر عباس شاهه ٽيون ڀيرو شعيا اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ شعيا اڳواڻن پنهنجون ڳالهيون سيد قائم علي شاهه اڳيان رکيون ۽ وڏي وزير پاران سڀ ڳالهيون مڃڻ جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي تحفظ عزاداري ڪائونسل جي اڳواڻ رحيم جعفري جو چوڻ آهي ته، جوابدارن جي خلاف تڪڙي ڪارروائي ۽ گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن واعدا پورا نه ٿيا ته پوري ملڪ ۾ ڌرڻن۽ احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو.
منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 30 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي