سانحي جيڪب آباد جي شروعاتي جاچ رپورٽ اڳيان اچي وئي

در . جيڪب آباد

JECOBABAADجيڪب آباد ڌماڪي جي شروعاتي جاچ رپورٽ مطابق ڌماڪو آپگهاتي هو، 4 کان 5 ڪلو ڌماڪو ڪندڙ مواد استعمال ڪيو ويو. بم ۾ استعمال ٿيندڙ بال بيرنگ 3 ايم ايم سائيز جا هئا. تفصيل مطابق سيڪيورٽي ادارن جيڪب آباد ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو ڌماڪو آپگهاتي هو، رپورٽ مطابق شڪي آپگهاتي دهشتگرد جي اڱرين جا نشان نادرا کي موڪليا پيا وڃن، جڏهن ته ڊي اين اي جي سيمپل کي اسلام آباد موڪليو ويندو.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته واقعي واري هنڌان ملندڙ پستول شڪي آپگهاتي جو هو، جيڪو آپگهاتي حملو ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ کي اڏائڻ لاءِ رکيو ويو هو، پستول به فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي.
منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 14 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي