پارا چنار ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي، ڪار بم ڌماڪي ۾ 24 ڄڻا شهيد، 90 زخمي

ڪرم ايجنسي جي هيڊ ڪوارٽر پارا چنار کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن وار ڪيو. ڌماڪي ۾ 24 ڄڻا شهيد ۽ 90 زخمي ٿي پيا آهن. پارا چنار ۾ صبح سوير دهشتگردن ڦاٽڪ وٽ ليويز اهلڪارن تي فائرنگ بعد بارود سان ڀريل گاڏي عورتن جي امام بارگاهه سان ٽڪرائي ڇڏي. جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. واقعي بعد لاش ۽ زخمي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا. شهيدن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ 22 لاش پهچڻ جي تصديق ڪئي وئي. زخمين لاءِ رت جي عطئي جون اپيلون ڪيون ويون. هوڏانهن صدر، وزيراعظم، عمران خان، بلاول، آصف زرداري، خورشيد شاهه ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪئي آهي. واقعي جي ذميواري بندش پيل تنظيم جماعت احرار قبول ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته جنوري ۾ به پارا چنار سبزي منڊي ۾ ڌماڪي سبب 21 ڄڻا شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا ۽ ڪالهه به هڪ خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 26 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي