چترال ۽ ڀرپاسي برفباري، 33 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

خيبرپختونخواهه جي علائقي چترال ۾ سخت برفباري کان پوءِ 20 گهرن تي برفاني ڇپون ڪري پيون, 14 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا. جڏهن ته برفاني ڇپن ۾ وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن جن کي ڪڍڻ جي لاءِ مقامي ماڻهو ۽ انتظاميا جون ڪارروائيون جاري آهن. چترال ۾ ڪريم آباد جي علائقي شير شال ۾ رات 20 گهرن تي برفاني ڇپ ڪري پئي جنهن هيٺان هن وقت تائين 14 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. هوڏانهن اسڪردو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شديد برفباري جو 33 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو. رپورٽ موجب اسڪردو ۾ اڍائي فوٽن تائين جڏهن ته جبلن تي 7 فوٽن تائين برف پئي، جنهن ڪري ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته چئني طرفن کان برف ئي برف نظر اچڻ لڳي آهي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ سياح پڻ پهچي ويا آهن. هوڏانهن چاغي ويجهو 108 ڄاڃي 17 ڪلاڪن کان ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا، پاڪ فوج، ايف سي ۽ ليويز فورس جي ڪوششن کان پوءِ کين ريسڪيو ڪيو ويو. ڄاڃين کي ڪڍي نوشڪي ۾ پنهنجن گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جڏهن ته 35 ڄاڃي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. گهر واپس پهچندڙن ۾ 36 ٻار ۽ 25 عورتون شامل هيون. ٿڌ ۾ نينگري فوت ٿيڻ جي ڪري شادي واريون خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون. ٻئي طرف صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ ۽ کاڌ خوراڪ پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته زخمين جي بهتر علاج جون پڻ هدايتون ڏنيون. هوڏانهن مختلف سياسي سماجي تنظيمن انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 47 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي