سنڌ جا ڪجهه وزير ڪرپشن جا رڪارڊ بڻائي رهيا آهن: مخدوم امين فهيم

پاڪستان پيپلز پارتي جي اڳواڻ مخدوم امين فهيم انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ جا ڪجهه وزير ڪرپشن جا رڪارڊ بڻائي رهيا آهن، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارتي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي دعوت تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم ان سان ملاقات لاءِ بلاول هائوس پهتو جتي ان پارٽي جي شريڪ چيئرمين  سان ملاقات دوران پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو ان موقعي تي امين فهيم شڪايت ڪندي چيو ته پارٽي معاملن ۾ ان سان ڪنهن قسم جي ڪابه مشاورت نه ڪئي ويندي آهي ۽ اڪثر فيصلا ان جي مشاورت بنا ئي ڪيا وڃن ٿا، امين فهيم اڳوڻي صدر کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ ترقياتي معاملن  به ان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته صوبي جا ڪجهه وزير ڪرپشن جا رڪارڊ بڻائي رهيا آهن، اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات جي موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ امين فهيم جو پٽ مخدوم جميل الزمان به موجود هئا جنهن وزير طور اختيار نه ملڻ تي اڳوڻي صدر سان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو، ياد رهي ته مخدوم امين فهيم شيري رحمان کي پارٽي جي نائب صدارت ڏيڻ تي قيادت کان ناراض آهي جنهن تي پارٽي اڳواڻن طرفان ان کي پرچائڻ جو سلسلو جاري آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 10 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي