آدمشماري جا عبوري نتيجا جاري، آبادي 20 ڪروڙ کان وڌي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شماريات واري وزارت پاڪستان يج ڇهين آدمشماري جا عبوري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب ملڪ جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا نتيجا شامل ناهن، شماريات واري وزارت طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب 1998 جي آدمشماري جي مقابلي ۾ 2017 ۾ آبادي ۾ 2 ڏهائي 4 سيڪڙو جي شرح سان 7 ڪروڙ 54 لک 22 هزار 241 ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي، عبوري نتيجن موجب 2017 جي آدمشماري ۾ 1981 جي مقابلي ۾ آبادي 146 ڏهائي 6 سيڪڙو وڌي وئي، صوبائي اعتبار سان پنجاب پهرين، سنڌ ٻئي، خيبر پختونخواهه ٽئين ۽ بلوچستان چوٿين نمبر تي آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آبادي جي واڌ ۾ قومي سطح تي گهٽتائي، خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ فاٽا ۾ قومي سطح تي واڌ ڏٺي وئي، 2017 جي آدمشماري جي عبوري نتيجن ۾ پنجاب جي آبادي 11 ڪروڙ کان وڌيڪ تائين پهچي وئي آهي، سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 90 هزار ٿي وئي آهي، خيبر پختونخواهه جي آبادي 3 ڪروڙ 52 لک ۽ بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 23 لک 40 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي، تازي آدمشماري ۾ اسلام آباد جي آبادي ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، جيڪا 65 ڏهائي 72 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 50 ڏهائي 58 سيڪڙو سان مجموعي طور تي 20 لک رهجي وئي آهي، جڏهن ته وفاق جي ڪنٽرول هيٺ قبيلائي علائقن (فاٽا) جي آبادي 50 لک آهي، پاڪستان جي تازي آدمشماري جي انگن اکرن ۾ مردن جو انگ 10 ڪروڙ 64 لک 49 هزار 322 آهي، عورتن جو انگ 10 ڪروڙ 13 لک 14 هزار 780 آهي، جڏهن ته کدڙن فقيرن جو انگ 10 هزار 418 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ شهري آبادي واري صوبي جو اعزاز حاصل آهي، جتي صوبي جي مجموعي آبادي جو 52 ڏهائي 2 سيڪڙو شهري آبادي تي مشتمل آهي، پاڪستان جي شهري آبادي 7 ڪروڙ 55 لک 84 هزار 989 ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ ديهي آبادي 13 ڪروڙ 21 لک 89 هزار 531 ماڻهن تي مشتمل آهي، شماريات واري وزارت طرفان جاري عبوري نتيجن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستان جي آبادي جي نتيجن کي شامل ناهي ڪيو ويو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 40 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي