لاڳاپا ڀلي خراب ٿين، ٻيا رستا کلي ويندا: سينيٽر

سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته آمريڪا کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آهن، اسان کي به پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، آمريڪا جي ايجنڊا امن ناهي جنگ آهي، آمريڪا پاڪستانکي مستحڪم ملڪ طور نٿو ڏسڻ چاهي، ملڪي دفاع ۽ وقار جي تحفظ لاءِ پوري قوم متحد آهي، آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيا ته اسان جي لاءِ نوان آپشنز موجود آهن. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ آمريڪي صدر جي افغانستان ۽ پاڪستان جي حوالي سان نئين حڪمت عملي جي اعلان جي معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر حافظ حمد الله چيو ته آمريڪا جو ايجنڊا امن ناهي جنگ آهي، عراق تي چڙهائي ڪري پنهنجي ايجنڊا جي تڪميل ڪئي، ليبيا آمريڪا سبب جهنم بڻجي چڪو آهي، افغانستان سميت هر هنڌ جنگ سان آمريڪا جو فائدو آهي، اسان پاڻ آمريڪا، ڀارت جي مدد ڪئي آهي، ايئرپورٽس، سمنڊ ۽ فضا ان جي حوالي ڪيون، سينيٽر سليم ضياءُ چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ امن لاءِ ڀارت کي لغام ڏي، امريڪا ڀارت کي خوش ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، آمريڪا پنهنجي فوج جي ويٽنام، ڪمبوڊيا ۾ پنهنجو حشر ياد رکي، سينيٽر جاويد عباسي چيو ته آمريڪا جيترا ڊالر ڏنا ان کان وڌيڪ اسان جو ان جنگ ۾ نقصان ٿيو، سوات ۽ وزيرستان ۾ جيڪي آپريشن ٿيا ان سان وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ ٿي انهن ماڻهن کي واپس گهرن ۾ آباد ڪيو ويو، اسان کي افغانستان جو امن عزيز آهي، اسان هڪ باوقار قوم جي طرح بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، سينيٽر محسن لغاري چيو ته آمريڪا جو ڪو به مستقل دوست يا دشمن نه آهي، هو پنهنجي مفادن تحت فيصلا ڪندو آهي. سينيٽر سراج الحق چيو ته سياست کان مٿانهون ٿي ڪري آمريڪي صدر کي جواب ڏيڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيا ته اسان جي لاءِ نوان آپشنز کلندا، سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته اسان آمريڪا کي دٻاءُ ۾ اچي فضا ۽ زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني، اسان جو مالي نقصان ٿيو، روس جي خلاف اسان آمريڪا جي جنگ وڙهي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿيو ته اسان آمريڪا جي بحري ٻيڙي جو انتظار ڪندا رهجي وياسين، سينيٽ ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طرفان رڪوڊڪ منصوبي جي لاءِ مائيننگ ليز جي انڪار سبب ٺيٿيان ڪاپر ڪمپني طرفان پاڪستان جي خلاف دعوائن جي ٽياڪڙي ٽربيونل جي فيصلي جي اثرن بابت التوا واري رٿ تي بحث ان ڪئميرا سهيڙيو ويو.وزيراعظم چيو ته رڪوڊڪ منصوبي تي عدالتي فيصلي سان پاڪستان کي نقصان پهتو. عالمي عدالت جو هڪ جج پاڪستان سان تعصب رکي ٿو

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 33 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي