
جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي قدمن مان ثابت ٿيو آهي ته آمريڪي جنگ عالمِ اسلام خلاف هئي، قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پاڪستان جي ترقيءَ جي رفتار گھٽ ناهي ٿي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري انهن جا حوصلا ٽوڙڻ چاهي ٿو، ڀارتي فوج ڇرن واريون بندوقن سان فائر ڪري هزارين ڪشميرين جي اکين جو نور کسيو آهي، ڪشميرين جو حوصلو اڄ به ناهي ٽٽو پر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي
Tags: