دهشتگرد اسلام جو نالو استعمال ڪري اسلام کي بدنام پيا ڪن: سرتاج عزيز

وزيراعظم جي پرڏيهي معامرن جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته شام ۽ لبيا ۾ مسلمانن جو قتل عام تمام افسوسناڪ آهي، جڏهن ته گذريل 3 سالن دوران دهشتگرديءَ تي ڪافي حد تائين قابو آندو ويو آهي، هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته دهشتگرد اسلام جو نالو وٺي رهيا آهن ۽ ان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن اسلام اڄ اُن ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، هن چيو ته مسلم دنيا کي متحد ٿي انتها پسنديءَ جو خاتمو ڪرڻو پوندو ۽ اسلام جي نالي تي شدت پسنداڻين ڪارروايون ڪندڙن کي پاڙان پٽڻو پوندو. اسان پاڻ ۾ موجود اختلافن کي ظاهر ڪري مسئلن کي پاڻ هٿ سان دعوت ڏئي رهيا آهيون.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 13 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي