گورنر سلمان تاثير جي پٽ شان کي انتهاپسندن واجب القتل قرار ڏئي ڇڏيو

توهين رسالت جي الزام هيٺ قتل ٿيل سلمان تاثير جي پٽ شان تاثير کي به واجب القتل قرار ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي.سني تحريڪ شان تاثير تي توهين رسالت ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اڄ ڌرڻي ۽ ٿاڻي جي گهيراءُ جو اعلان ڪيو آهي.مليل اطلاعن موجب ڪرسمس جي موقعي تي پنجاب جي شهيد گورنر سلمان تاثير جي پٽ شان تاثير بيان جاري ڪري آسيه بي بي ۽ نبيل مسيح جي آزادي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي هئي. جنهن تي منڊي بهاءُ الدين جي شهزاد قاري تحريڪ لبيڪ يار سول الله جي دارالافتاع کان فتويٰ گهري. سوال جي جواب ۾ پير محمود افضل قادري فتويٰ جاري ڪئي ته شان تاثير الله ۽ رسول جي توهين ڪئي آهي. جنهن سان هو واجب القتل ٿي ويو آهي. ان لاءِ حڪومت تي فرض آهي ته شان تاثير کي گرفتار ڪري قلم 295 سي ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪري سزا ڏياري. ٻئي پاسي پاڪستان سني تحريڪ لاهور شان تاثير خلاف توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اڄ پهرين جنوري آچر ڏينهن 3 وڳي مغلپوره ٿاڻي جي گهيراءُ جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي سي ڊفينس اينڊ ميڊيا سيل طرفان عوام کي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 14 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي