سڄي ملڪ ۾، ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نذر نياز به جاري

سڄي ملڪ ۾ يومِ عاشور مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ حفاظت جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، يومِ عاشور جي موقعي تي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ علم، تعزيا ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۽ ثواب جي لاءِ نذر ۽ نياز جو سلسلو به جاري آهي، لاهور ۾ نثارحويلي ۽ ملتان مان هيرا حيدري مان برآمد ٿيندڙ يومِ عاشور جو مرڪزي جلوس روايتي رستن تان گذري رهيو آهي، ڪراچيءَ ۾ مرڪزي جلوس نشترپارڪ کان برآمد ٿيو آهي. سڄي سنڌ ۾ ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي انتهائي سخت رکي وئي آهي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ميرپور خاص سميت ٻين شهرن ۾ روايتي جلوس پنهنجن رستن تي وڌي رهيا آهن. جلوسن جي گذرگاهن تي سڪيورٽي، طبي ڪئمپون، پاڻيءَ جون سبيلون ۽ ٻيا انتظام به ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف سرگوڌا، جھنگ، بکر، فيصل آباد، گوجرانوالا، رحيم يار خان سميت سڄي پنجاب ۾ به عاشوري تي ماتمي جلوس ۽ مجلسن جو سلسلو جاري آهي.
 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 6 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي