دنيا فلسطين ۽ ڪشمير جا تڪرار حل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي: سرتاج عزيز

يورپي انسٽيٽيوٽ آف ايشين اسٽيڊيز کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته دنيا فلسطين ۽ ڪشمير جھڙا تڪرار حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته پاڪستان سوويت يونين خلاف اولهه جو ساٿ ڏيڻ تي ڀوڳي چُڪو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن جو قيام ئي پاڪستان جي سلامتي جو ضامن آهي. آپريشن ضرب عضب سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي سبب دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جون ڪارروايون متاثر ٿي رهيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان 60 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 13 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي