عمران خان وحدت المسلين جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان وحدت المسلين جي 9 ڏينهن کان جاري بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ويو، وحدت المسلمين جي بک هڙتالي ڪئمپ تي علامه ناصر عباس سان گڏجي ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اڄ خبر پئي ته ڪي پي ۾ ڪهرا ظلم پيا ٿين، سڀني شهرين جا حق برابر آهن، هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ شيعه مخالف گروپ ٺهڻ جي مون کي خبر نه هئي، شيعا ڀائرن سان گڏ آهيون، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هو معاملو ايپيڪس ڪميٽيءَ ۾ اٿاريندو، سندس چوڻ هو ته سڀ ڳالهيون چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جيءَ جي سامهون رکندس، ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ذمو حڪومت جو آهي، ڪي پي ۾ پوليس نظام بهتر ڪيو، واعدو ٿو ڪريان اڳتي اقليتي برادرين جو تحفظ يقيني بنائبو، عمران خان چيو ته مان ڪي پي ڪي حڪومت طرفان سهڪار جو يقين ٿو ڏياريان، ڏوهه ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڏوهاري گرفتار ناهن ٿيندا، ان موقعي تي علامه ناصر عباس پاران ٽارگيٽ ڪلنگ جي خاتمي تائين بک هڙتال ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، هن چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي مڪمل خاتمي واري يقين تائين بک هڙتال جاري رکندس، دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ اسان جي نسل ڪشي ڪئي وئي آهي، مسلڪ جي بنياد تي تنظيمون ڇو ٿيون ٺاهيون وڃن، علامه چيو ته عمران خان جي آمد تي خوشي ٿي آهي، بک هڙتال جاري رکندس، پاڪستان ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف بک هڙتال ڪري رهيو آهيان، اميد آهي ته عمران خان مامري جو نوٽيس وٺندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 30 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي