پاڪ-چين لنگهه ،ريلوي لائينون وڇائڻ جي رٿا منظور

5676b52533c6a (1)پاڪستان حڪومت چين-پاڪستان معاشي لنگهه رٿا هيٺ نئين ريلوي لائين وڇائڻ ۽ انهن  کي بهتر ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي. رٿا هيٺ گوادر کان  ڪوئٽه ۽ جيڪب آباد تائين نئين پٽڙي وڇائي ويندي،مين لائين ٽو تي بوستان کان ڪوٽلا جام ۽ ڊيرا اسمائيل خان تائين 560 ڪلوميٽرن تائين ڊگهو ٽريڪ وڇايو ويندو،انکانسواءِ حيوليان کان خنجراب تائين 682 ڪلوميٽرن جو نئون رستو ٺاهيو ويندو،رٿا هيٺ ڪراچي کان پشاور تائين ويندي  ڪوٽڙي، ملتان، لاهور، ٽيڪسيلا ۽ حويليان سوڌو راولپنڊي تائين 1827 ڪلوميٽرن تائين ريلوي ٽريڪ کي بهتر بڻائڻ سان گڏ شاهدرا کان پشاور تائين ريلوي ٽريڪ کي وڌايو ويندو.ڪوٽڙي کان اٽڪ تائين ويندي دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ڊيرا، غازي خان، بکر۽ ڪنڊيان  تائين 1254 ڪلوميٽر ڊگهي رستي کي به بهتر بڻايو ويندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 24 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي