پاڪستان کي سعودي فوجي اتحاد جو حصو بڻائڻو آهي ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي: عمران خان

416545-imrankhan-1450435057-657-640x480پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي دهشتگردي جي خلاف سعودي فوجي اتحاد جو حصو بڻجڻو آهي ته ان معاملي کي بحث لاءِ قومي اسيمبلي ۾ آندو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهنپاڪستان کي دهشتگردي جي خلاف سعودي فوجي اتحاد جو حصو بڻجڻو آهي ته ان معاملي کي ايوان ۾ آندو وڃي.وزيراعظم نوازشريف ذاتي مفاد کي ملڪي مفاد تي اهميت ڏيندو آهي،حڪومت ڄاڻي واڻي معاملن کي قومي اسيمبلي ۾ نٿي آڻي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪاروباري لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو.ڪاروبار ذريعي ئي غربت ۽ بيروزگاري تي ضابطو ممڪن آهي. تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز پاران آپريشن سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، جيڪڏهن رينجرز کي ٻيهر واپس گهرايو ويو ته  اتي هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن کي ڳولي ماريو ويندو.سندس چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل روڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو.
 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 50 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي