منيٰ سانحي ۾ 99 پاڪستاني شهيد ٿيا، 18 گم آهن

 مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته منيٰ سانحي ۾ 99 پاڪستاني شهيد ٿيا، جڏهن ته 18 اڃا تائين گم آهن. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي سردار يوسف ٻڌايو ته 99 مان 70 شهيدن جي تصديق کانپوءِ تدفين ڪئي وئي،
جڏهن ته ٻين شهيد پاڪستانين بابت سعودي عرب جي اختيارين پاران تصديق وارو عمل هلندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته 19 حاجي سڳورا اهڙا آهن، جن جي وارثن سندن شهادت جي تصديق ڪئي. وفاقي وزير ٻڌايو ته سانحي ۾ زخمي ٿيل 45 حاجين کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گم ٿيل 18 پاڪستاني جي ڳولا وارو عمل هلي رهيو آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي بيان تي مخالف ڌر جي ميمبرن افسوس ظاهر ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته وفاقي وزير کي گم ٿيل پاڪستاني حاجين جي خبر پوڻ تائين سعودي عرب ۾ رهڻ گهرجي ها.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 17 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي