منيٰ سانحي ۾ 36 پاڪستاني حاجي شهيد ٿيڻ جي تصديق

minaوزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي مذهبي معاملن واري وزارت منيٰ سانحي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني حاجي سڳورن جا تفصيل ويب سائٽ تي جاري ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي وزير سردار يوسف سانحي ۾ شهيد ٿيل پاڪستانين جو انگ 36 ٿي وڃڻ ۽ 25 زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 217 حاجين سان رابطو ٿيو آهي ۽ 85 اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. سردار يوسف مطابق زخمي حاجي سڳورن کي تندرست ٿيڻ کانپوءِ واپس ڏيهه روانو ڪيو ويندو،هن ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي شهيد ۽ زخمي پاڪستاني حاجي سڳورن جا تفصيل ويب سائٽ تي جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن وارثن کي صورتحال بابت لاڳيتو ڄاڻ ڏني پئي وڃي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 19 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي