آئين تحت ڪنهن به اداري کي حدون اورانگهڻ جي اجازت ناهي: چيف جسٽس

Supreme-Court-of-Pakistan-Appeal-against-Reko-Diq-Deal42سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته انصاف حاصل ڪرڻ ۾ دير سڀ کان وڏي تڪليف جي ڳالهه آهي. نئون عدالتي سال شروع ٿيڻ تي ڪوٺايل ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ بار جو ڪردار اڻٽر آهي. هن چيو ته آئين ڪنهن به اداري کي پنهنجي مقرر ڪيل حد اورانگهڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، جڏهن ته غريب ۽ مظلوم کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جسٽس انور ظهير جمالي جو چوڻ هو ته 21 هين ترميم بابت ڪيس ۾ ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي بهتر فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته عوام جون نظرون معمول جي ڪيسن جي حل کان علاوه ٻين سياسي ۽ معاشرتي معاملن جي حل جي سلسلي ۾ به سپريم ڪورٽ ۾ کتل آهن. انصاف جي حصول لاءِ درپيش مشڪلات ۽ ڪيسن جي فيصلي ۾ دير سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي. هن چيو ته اسان فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي، غيرجانبدار فيصلو آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. خود احتسابي عمل هڪ طرفو نه هئڻ گهرجي. بلڪه ٻه طرفو هئڻ گهرجي. بار ڪائونسلن کي به پنهنجي ڊسپلينري ڪميشن کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 93 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي