ڪراچي کان خيبر تائين گستاخ خاڪن خلاف مذهبي پارٽين جو احتجاج

 گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت پوري ملڪ ۾ مذهبي تنظيمن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي طرفان گستاخ خاڪن خلاف ملين مارچ منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته اولهه مسلمانن کي مڇرائڻ لاءِ مذهب کي نشانو بڻائي رهيو آهي، دنيا کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، لاهور ۾ جماعت الدعوه طرفان فرانسي رسالي طرفان گستاخ خاڪن جي شايع ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو ته فرانسي رسالي خلاف مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، فيصل آباد ۾ پنجاب ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي شاگردن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي فرانسي رسالي خلاف ڪارروائي جو مطالبو لکيل هو جڏهن ته شاگردن حرمت رسول صه جي حق ۾ نعرا به هنيا ڪراچي پريس ڪلب سامهون مختلف مذهبي تنظيمن طرفان گستاخ خاڪن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جڏهن ته مظاهرني عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته مسلم امت جي جذبن کي مجروح ڪرڻ تي فرانسي رسالي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، حيدرآباد ۾ اتحاد اهلسنت طرفان اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ ڏسڻ ۾ پئي آيو ٽنڊوآدم ۾ مختلف مذهبي تنظيمن، اسڪولي شاگردن ۽ استادن طرفان پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو گستاخ خاڪه شايع ڪرڻ خلاف جي يو آءِ جي ڪارڪنن طرفان ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو ڪنڌڪوٽ ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف جيو يو آءِ ف جي ڪارڪنن پريس ڪلب کان ٽاور چوڪ تائين احتجاج يريلي ڪڍي، جيڪب آباد ۾ به جي يو آءِ جي ڪارڪنن نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخ خاڪه شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري فرانسيسي صدر جو پتلو ساڙيو ويو ۽ فرانس کان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 25 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي