مغرب: امت مسلم جي غيرت کي للڪاريو آهي

لاڙڪاڻو: فرانس ۾ حضور پاڪ ﷺ جي شان ۾ توهين آميز گستاخانه خاڪن جي اشاعت کي مغرب جي تهذيبي دهشتگردي ۽ اسلام خلاف سازش قرار ڏيندي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو 23 جنوري تي سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانس جي مئگزينن ۾ ڇپيل گستاخ خاڪن خلاف شديد رد عمل جو اظهار ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته مغرب جي تهذيب گستاخ خاڪن جي ذريعي امت مسلم جي غيرت کي للڪاريو آهي. هن چيوته اظهار جي آزاديءَ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، توهين جوڳا خاڪا ماڻهن ۽ تهذيبن کي ورهائڻ جي ڪوشش آهي. مسلمان ڪڏهن به نبي ڪريم ﷺ جي توهين برداشت نه ڪندا. هن چيوته گستاخن کي سرعام ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي. هن وڌيڪ چيوته سيرت تي عمل ڪري آخرت سنواري سگهجي ٿي. مسلمان متحد ٿي اسلام دشمن سازشين جو مقابلو ڪن. هن وڌيڪ چيوته آءٌ عوام جي ڏک ۽ تڪليف کي سمجھان ٿو ۽ انهن جي تڪليفن کي محسوس ڪريان ٿو. جڏهن ته ملڪ بحرانن جي ور چڙهيل آهي. بجليءَ ۽ گئس بعد پيٽرول جي بحران حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ تيل بحران وفاقي حڪومت جي نااهليءَ جو چٽو ثبوت آهي. هن چيوته هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌ ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. حڪمران سنڌ جي ترقي نه پر تباهيءَ وارن منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهن. سنڌ جا وسيلا هڙپ ڪرڻ کان پوءِ ٿر جو ڪوئلو ڦٻائڻ جون ڪوششون پيون ٿين. لاڙڪاڻي ۾ گندگيءَ جي حوالي سان هن چيوته لاڙڪاڻو شهر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي. روڊ رستا ۽ ڊرينيج سسٽم تباهه آهي. هن چيوته نساسڪ ۽ ملوث آفيسرن کي هٽائي شهر کي تباهيءَ کان بچايو وڃي. هن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته فرانس حڪومت سان سفارتي ناتا ختم ڪيا وڃن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 89 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي