حضرت محمد صه جي شان ۾ گستاخي خلاف مٽياري ۾ احتجاجي ريلي

نهي جهانن جي سردار ۽ پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن خلاف مٽياري ۾ ميلاد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم آرگنائزيشن ضلع مٽياري طرفان “شان رسول صلي الله عليه وآله وسلم” ريلي ڪڍي ويئي، جنهن جي اڳواڻي بشير احمد کتري، پير علي شير سرهندي، عبدالقادر بلالي، حافظ غلام محمد ميمڻ، حافظ غلام نبي خاصخيلي،سليم احمد کتري، حافظ حزب الله ميمڻ ڪري رهيا هئا. ريلي موسيٰ مسجد جي ڀرسان درگاهه ميون سيد حاجي رحمة الله عليه وٽان نڪتي، جيڪا ڄاموٽ محلا، درگاهه پير سرهندي، ٽدري اسٽاپ، الهڏنو ساند اسٽاپ، نصرپور بس اسٽينڊ، درگاهه سخي هاشم شاهه روڊ، چاندني چوڪ، ميان پوٽه محلا، ميرحسن محلا ۽ مين بس اسٽاپ کان ٿيندي پريس ڪلب مٽياري پهتي، جتي ميلاد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم آرگنائزيشن ضلع مٽياري جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ خاڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته يهودي لابيءَ جو اهو عمل وقت به وقت ٿيندو رهندو آهي، جيڪو بند ٿيڻ گهرجي. اڳواڻن چيو ته مسلمانن جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، مسلمانن جي اٿي پوڻ تي دنيا جي ڪابه طاقت انهن کي روڪي نه سگهندي ۽ دنيا جا سڀ حربا سمنڊ ۾ لڙهي ويندا. ان موقعي تي اڳواڻن پرزور مطالبو ڪيو ته حڪومت کي گهرجي ته اقوام متحده مان اهڙي قرارداد پاس ڪرائي، جنهن ۾ ڪنهن به مذهب جي يا ان جي اڳواڻن جي توهين نه ڪئي وڃي ۽ ان تي عمل به ڪرايو وڃي. ان موقعي تي گستاخ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ويئي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 34 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي