پيٽرول جي بحران تي قوم کان معافي گهرون ٿا: خواجه سعد رفيق

لاهور: ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پيٽرول جي بحران تي قوم کان معافي گهرون ٿا، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته حڪومت عوام جي فلاح لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي گذريل 4 مهينن کان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون مسلسل گهٽ ڪيون پيون وڃن ته جيئن قوم کي رليف ملي سگهي، ملڪ هن وقت احتجاج ۽ ڌرڻا برداشت نه ٿو ڪري سگهي، عمران خان مسلسل غلط بياني ڪري رهيو آهي، حڪومت جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه تان نه هٽندي، هو پنهنجا 85 هزار ووٽ سنڀالي رکي انهن جي هڪ لک 25 هزار ووٽن جي فڪر نه ڪري، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پيٽرول جي بحران تي قوم کان معافي گهرون ٿا، حڪومت ان بحران تي جلد کان جلد قابون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان کان علاوه ان معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏنو ويو آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريلوي جي نقصان ۾ گهٽتائي ۽ فائدي ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 12 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي