دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي رهيا آهيون: شهباز شريف

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير شهباز سريف چيو آهي ته دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي پئي وڃي پاڪستان جي استحڪام ۽ بقاءُ لاءِ اسان کي هر صورت ۾ هي جنگ کٽڻي آهي، لاهور ۾ صوبي جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات دوران پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردن هزارين پاڪستانين وانگر معصوم ٻارڙن جو رت وهايو، دهشتگردن پاران وهايل رت جي هر قطري جو حساب وٺنداسين، شهباز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي، عسڪري، ديني قيادت ۽ پوري قوم گڏ آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر امن بغير طئه نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردن خلاف فيصلاتي جنگ وڙهي پئي وڃي، پاڪستان جي استحڪام ۽ بقاءُ لاءِ اسان کي هر صورت هي جنگ کٽڻي آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 70 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي