دهشتگردي کي مذهب سان نه ڳنڍيو وڃي: عبدالغفور حيدري

مملڪتي وزير مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته دهشتگردي کي مذهب سان نه ڳنڍيو وڃي، ڪجهه قوتون ملڪ کي سيڪيولر بڻائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن، جن جو مقابلو ڪيو ويندو. لاڙڪاڻي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته هـُنن فوجي عدالتن جي قيام لاءِ پيش ڪيل مسودي ۾ مذهبي دهشتگري وارو لفظ شامل ڪرڻ تي اعتراض واريو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ ديني مدرسن واري شق کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان مذهب ٽارگيٽ ٿيندو. مولانا غفور حيدري چيو ته فوجي عدالتن جي قانون ذريعي ڪراچيءَ ۾ بندوق جي زور تي ڀتو وٺندڙ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙن سميت ٻين مختلف قسمن جا ڏوهاري بچي ويندا. هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام رڳو سمورن دهشتگردن جو احتساب چاهي ٿي. مولانا غفور حيدري چيو ته ملڪ ۾ انقلاب اچي ويو، شادي ٿي وئي ۽ تبديلي به اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڌرڻي جو مقصد به پورو ٿي ويو آهي

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 9 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي