راولپنڊي ۾ چٽيان هٽيان امام بارگاهه ٻاهران ڌماڪي ۾ شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ علامه راجا ناصر عباس قائم علي شاهه رضوي،علي مهدي، جاويد الرحمان ۽ علي زيدي جي جنازي نماز پڙهائي ماڻهن جي وڏي تعداد جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ڌماڪي ۾ مارجي ويل پوليس اهلڪار امان الله جي جنازي نماز اڄ صبح پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي، امان الله جو تعلق ميانوالي سان هو.