شهيدن جي وارثن شيخ رشيد کي تعزيت بغير ئي واپس موڪلي ڇڏيو

چٽيان هٽيان امام بارگاهه ۾ ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن ۽ علائقي واسين شيخ رشيد کي تعزيت کان بغير ئي واپس موڪلي ڇڏيو، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ڇنڇر ڏينهن وارثن سان همدردي لاءِ چٽيان هٽيان پهتو ته اتي موجود ماڻهن سخت احتجاج ڪيو، انهن جو چوڻ هو ته گذريل رات شيخ رشيد جي رهائشگاهه جي ويجهو ئي ايڏو وڏو سانحو ٿي ويو ۽ هو هاڻ اچي رهيو آهي هنن کي شيخ رشيد جي همدردين ۽ تعزيت جي ڪابه ضرورت ناهي جنهن تي شيخ رشيد مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت بغير ئي روانو ٿي ويو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي  جي علائقي چٽيان هٽيان ۾ امام بارگاهه ٻاهران ان وقت خودڪش ڌماڪو ٿيو هو جڏهن اتي محفل ميلاد جاري هئي، ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا هئا.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 12 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي