ريال ميڊرڊ فٽبال ڪلب جو اڳوڻو مئينيجر رافيل بيٽنيز گهر ڀيڙو،زيدان ريال نئون ميئنيجر مقرر

در . فوٽبال

zedan (1)اسپين جي فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ جي انتظاميا رافيل بيٽنيز کي هٽائي زيدان ريال کي نئون ميئنيجر مقرر ڪري ڇڏيو،زيدان ريال ميڊرڊ جي تاريخ ۾ پهريون فرانسيسي ميئنيجرآهي.تفصيل مطابق اسپين جي فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ انتظاميا رافيل بيٽنيز کي هٽائي سندس جاءِ تي زيدان ريال کي نئون ميئنيجر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، 55 سالن جو هسپانوي رافيل بيٽنيز رڳو 7 مهينا ريال ميڊرڊ جي عهدي تي رهيو، سندس هٽائڻ وارو فيصلو سومر ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو،جنهن کانپوءِ 43 سالن جي زيدان ريال کي سندس جاءِ تي مقرر ڪري نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.ياد رهي ته زيدان ريال ان کان پهرين ريال ميڊرڊ جي بي ٽيم جو ڪوچ به رهي چڪو آهي، جهن کي ”اي“ٽيم جو ڪوچ به مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هوءَ اسپين جي فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ جا فرض به نڀائيندو.
 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 8 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي