قرآن جي تعليم لازمي، صلوٰت وارو نظام لاڳو ڪيو ويندو: سردار يوسف

در . قرآني خبرون

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاناما ليڪس جو فيصلو ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي، ڌرڻن جو ڪو فائدو نظر نه پيو اچي، قرآن پاڪ جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو وڃي. صلوات وارو نظام جلد لاڳو ڪيو ويندو. حج ۽ عمري ايڪٽ جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حج ۽ عمري تي ٻه هزار ريال جو ٽيڪس سعودي حڪومت واپس ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايبٽ آباد جي اسڪول ۾ ماءُ پيءُ جي ڏهاڙي جي تقريب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سردار محمد يوسف چيو ته پي ٽي آءِ وارا عدالتي فيصلو نٿا ڪري سگهن ته هو وزير اعظم نااهل قرار ڏيارن. جيڪڏهن وزير اعظم جي نااهلي جو فيصلو عمران خان ٿو ڪري ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏيندي؟ عدالت جيڪو به فيصلو ڏنو ان تي عملدرآمد ٿيندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 93 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي