ٽيڪنالاجيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ’ايران‘

در . ٽيڪنالوجي

ترقي يافتا دنيا ۾ ماڻهون ايران کي سندس تڪراري ايٽمي پروگرام جي ڪري سڄاڻندا آهن پر ايران ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ به گھڻي ترقي ڪري رهيو آهي، وچ اوڀر ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن جو وڏو انگ ايران ۾ موجود آهي، ايران 2005ع کان پوءِ ڳجھه ڳوهه ۾ پنهنجي ملڪي انٽرنيٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان پراجيڪٽ جي پهرين اسٽيج تي ڪم ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويو آهي. ايراني صدر حسن روحانيءَ جو چوڻ هو ته اعتماد لائق، مضبوط ۽ محفوظ نيٽ ورڪ ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ هي ملڪي آزاديءَ جي لاءِ تمام اهم به آهي. چيو پيو وڃي ته هيءَ انٽرنيٽ ملڪ ۾ قائم انٽرنيٽ انفرا اسٽرڪچر جي مقابلي ۾ 60 ڀيرا تيز رفتار هوندي، ان انٽرنيٽ جي لاءِ ايران وڏي پئماني تي فائبر آپٽڪ ڪيبل جو ڄار وڇايو آهي. ايران مقامي طور تمام ڪيترائي ڊيٽا سينٽر به ٺاهيا آهن، ايران ۾ هن وقت انٽرنيٽ ڊائون لوڊنگ جي سراسري رفتار 2 ايم بي پي ايس آهي، هيءَ رفتار عالمي سراسري رفتار کان ڏهه ڀيرا گھٽ آهي، لبنان ۽ ازبڪستان جھڙن ترقي پذير ملڪن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ان قومي انٽرنيٽ جي اچڻ کان پوءِ ايراني حڪومت جي ڪمپيوٽرن تائين ٻاهرين پهچ ۽ مداخلت جو خطرو به گھٽ ٿي ويندو. 2010ع ۾ ٻاهرين مداخلت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ Stuxnet حملي سبب ايراني نيوڪليئر سينٽري فوجي مشينن کي تباهه ڪيو ويو هو. ان حملي ۾ امڪاني طور طاقتور ملڪ ملوث هئا، ايران ۾ اڳ ئي انٽرنيٽ پابندين ۾ وڪوڙيل آهي ۽ ان نئين نيٽ ورڪ جي اچڻ کان پوءِ ايران پنهنجي شهرين جي انٽرنيٽ سرگرمين تي وڌيڪ گھري نظر رکي سنگھندو. ان نيٽ ورڪ جي نتيجي ۾ سڀ ويب سائيٽون ايران ۾ ئي هوسٽ ٿينديون ۽ ايراني قانون تحت ڪم ڪنديون. هي نيٽ ورڪ جيتوڻيڪ بند (Closed)نيٽ ورڪ هوندو ان جي لاءِ وي پي اين يا ٽور جي مدد سان به ڪنهن پابندي پيل ويب سائيٽ جھڙوڪ فيس بڪ، ٽوئٽر يا انسٽاگرام هلڻ ناممڪن هوندو. 2017ع ۾ ان نيٽ ورڪ جي ٻي ۽ ٽين اسٽيج به مڪمل ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ 2017ع ۾ ئي ان کي باقاعدي لانچ به ڪيو ويندو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 12 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي