قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي گذري

در . يونيورسٽي

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ سال 2017ع داخلا لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جي نگراني هيٺ مختلف شعبن ۾ هڪ هزار 33 سيٽن تي انٽري ٽيسٽ ٿي گذري. قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ نوابشاھ ۾ داخلا لاء 6 هزار 2 سو 62 فارم جاري ڪيا ويا، جنهن ۾ 6 هزار 1 سو 57 فارم جمع ٿيا. جڏهن ته 55 فارم رد ڪيا ويا. 6 هزار 1 سو 2 فارم بحال ٿيا، جنهن ۾ 373 شاگردياڻين انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. قائد عوام انجينرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ ٻڌايو ته مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي. جڏهن ته انٽري ٽيسٽ لاءِ يونيورسٽي ۾ 125 بلاڪ قائد ڪيا ويا هئا. سيڪيورٽي انتظامن لاءِ 500 اهلڪارن ڊيوٽيون ڏنيون. جنهن ۾ پوليس، رينجرس سان گڏ يونيورسٽي جو سيڪيورٽي عملو پڻ شامل هو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 12 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي