مهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسئيشن جي نون عهديدارن عهدي جو قسم کڻي ورتو

در . يونيورسٽي

785dca3a-3ba0-484c-8a10-c45a5842699aمهراڻ يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسئيشن ڄامشورو جي نئين چونڊيل باڊيءَ جي قسم کڻڻ واري تقريب وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽيءَ جي صدارت هيٺ مک آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري.قسم کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن جا سڀئي جائز مطالبا حل ڪيا ويندا،ملازمن کي گهرجي ته اهي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ محنت ڪن. هن چيو ته اسان ملازمن لاءِ اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو کين عزت آبرو سان زندگي گذارڻ سيکاري. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي هڪ نرسري آهي جيڪا ٻين ادارن ۾ پڻ سڌارا آڻڻ لاءِ پتوڙي رهي آهي،هن وقت سنڌ جي 5 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽيءَ جا پروفيسر آهن جيڪي انهن ادارن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.ان موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجنيئرنگ ڪئمپس خيرپور ميرس جي پرو وائيس چانسلر غلام سرور ڪنڌر چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ سڀ ملازم برابر آهن ۽ انهن جو هڪ جيترو خيال رکيو ويندو آهي. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي ترقي ۽ بهتريءَ ۾ سمورن ملازمن جو واکاڻ جوڳو ڪردار آهي،کين اداري جي ترقي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي،ڇو ته اداري جي ترقي ئي سندن ترقي آهي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر فنانس منير احمد شيخ، ايسوسئيشن جي صدر مور علي عباسي، غلام نبي ڀلائي ۽ غلام نبي راڄڙ پڻ ڳالهايو جڏهن ته نئين باڊي کان وائيس چانسلر پاران قسم ورتو ويو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 5 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي