مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ٽيسٽ، 2153 سيٽن لاءِ 10524 اميدوار

در . يونيورسٽي

mehran22مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس ۾ تدريسي سال 16-2015 (16 بيچ) ۾ داخلا لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پري ايڊميشن ٽيسٽ ورتي سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ داخلا جي اميدوارن کان ڄامشورو ڪئمپس جي 17 ۽ خيرپور ڪئمپس جي 6 ٽيڪنالوجين ۾2153 سيٽن لاءِ 10524اميدوارانٽري ٽيسٽ ڏني وئي، جمع ڪرايل فارمن مان 111 فارم مختلف سببن ڪري رد ڪيا ويا ٻئي طرف انتظاميه پاران انٽري ٽيسٽ ۾ شاگردن، شاگردياڻين سميت ساڻن گڏ آيل والدين جي کاڌ خوراڪ سميت مختلف سهولتن ڏيڻ لاءِ 40 لک رپين جو ٽرينڊر جاري ڪيو ويو هو پر تنهن باوجود شاگرد ۽ شاگردياڻين کي کاڌي جو ڪو بندوبست نه ٿيڻ ڪري دانهون ڪندا رهيا کين منرل واٽر پاڻي جون بوتلون ڏي جان ڇڏائي وئي پري پري کان ڪهي آيل شاگردياڻين ۽ شاگردن لاءِ انٽري ٽيسٽ تائين پهچڻ لاءِ پوائنٽ بسن جو بندوبست به نه ڪيو ويو جنهن ڪري اميدوارن ڪيترائي ڪلو ميٽر تائين نٽهڻ اُس ۾ پنڌ ڪري انٽري ٽيسٽ واري پنڊال ۾ پهتا سخت گرمي هئڻ باوجو پنڊال اندر هوا جو ڪو به بندوبست نظر نه آيو جڏهن ته پري انٽري ٽيسٽ جو نتيجو 15 آڪٽوبر خميس جي ڏينھن يونيورسٽي جي نوٽيس بورڊن تي لڳايو ويندو.  جڏهن ته انٽري ٽيسٽ جو نتيجو مھراڻ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي پڌرو ڪيو ويندو. ٽيسٽ دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي پرووائيس چانسلر غلام سرور ڪنڌر، رجسٽرار طحهٰ حسين علي، پري ايڊميشن ٽيسٽ ڪميٽي (پيٽڪو) سربراهه ڊاڪٽر رسول بخش مهر ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشن پروفيسر ڊاڪٽر آغا فيصل حبيب، ويجيلينس ٽيم جي ٻِين ميمبرن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ وائيس چانسلر قائد عوام يونيورسٽي نواب شاھ،  پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڍو ڄام، پروفيسر ڊاڪٽر غوث بخش خاصخيلي ڊين فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ سول انجنيئرنگ، پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري ڊين فيڪلٽي آف اليڪٽرونڪس اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر پيرروشن شاهه راشدي ڊين فيڪلٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي، پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ميمڻ ڊين فيڪلٽي آف انجنيئرنگ،سيد آصف حيدر شاهه ڪمشنر حيدرآباد، ماجد محسن پنهور ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، ولي الله دل ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس نيشنل هاءِ وي/موٽروي پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند، ايس ايس پي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ طارق ولايت ٻِين امتحاني  مرڪز جو دورو ڪيو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 14 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي