سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ معذور شاگرد جي وائيس چانسلر سان ملاقات

در . يونيورسٽي

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي سان بي ايس پارٽ پهرين  انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جي معذور شاگرد ساحل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي معذور شاگرد کي پنهنجي محنت سان يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس ڀليڪار ڪندي چيو ته يونيورسٽي هوشيار ۽ معذور شاگردن جي ڀرپور مدد ڪندي رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. هُن شاگرد کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي محنت سان اڳتي وڌي يونيورسٽي ۽ سندن والدين جو نالو روشن ڪندو. ڊاڪٽر  عابده طاهراڻي جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جديد ۽ معياري اعليٰ تعليم جي فراهميءَ کانسواءِ تحقيق جي شعبي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هوءَ جلد لبرل آرٽ ڊپارٽمينٽ جو قيام عمل ۾آڻيندي ته جيئن شاگردن کي ڪئمپ تي اهڙو دوستاڻو ماحول فراهم ڪري سگهجي، جنهن سان شاگردن وچ ۾ هم آهنگي وڌي ۽ عملي زندگيءَ ۾ وڃي هو مڪمل پيشيوراڻي ۽ برداشت واري مادي سان ڪم ڪري سگهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 15 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي