سنڌ يونيورسٽي ۾ مالي خسارو

در . يونيورسٽي

مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ڪيتري عرصي کان جاري مالي بحران کان پوءِ يونيورسٽي جي عملدارن اي سي ٽو ۾ پارڪنگ جي نالي تي ڪمائي جو نئون طريقو اختيار ڪري ورتو آهي، اي سي ٽو ۾ روزانوسون جي تعداد ۾ ايندڙ غريب عام ماڻهن، استادن، آفيسرن توڙي ملازمن کان ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي پارڪ جي نالي  في گاڏي کان 10 روپيا وصول ڪرڻ واري ڦرلٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، پاڻ مرادو جوڙيل پارڪ سبب علمدارن  جي ويهاريل ماڻهن جا جاوا ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته روزانو هزارين روپين جي ٿيندڙ اوڳاڙي کي يونيورسٽي جي ڪنهن به کاتي ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي،  ذريعن موجب سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن توڙي استادن جي شڪايتن باوجود انتظاميه ڪوبه  تحريڪ نه ورتو آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي خاموشي تي شڪايت ڪندڙ توڙي عام ماڻهن، استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير قانوني پارڪنگ جي نالي وصولي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، اي سي ٽو ۾ پارڪنگ جي نالي ماڻهن کان اوڳاڙي ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪجهه پاڻ کائون ٿا ڪجهه مٿي کارايون ٿا، بس هڪ ٻئي سان سهڪار جي بنياد تي ڪم هلي رهيو آهي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي سڪيورٽي ڊائريڪٽر غلام نبي ڪاڪا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي پارڪنگ ملڪ ۾ امن امان جي خراب حالتن جي روشني ۾ شروع ڪئي وئي آهي، جيڪو فيصلو سنڌ يونيورسٽي جي امن امان بابت ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو هو، سنڌ يونيورسٽي جي سڪيورٽي ڊائريڪٽر غلام نبي ڪاڪا وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻه وڌيڪ پارڪنگ پوائنٽ قائم ڪيا ويندا جنهن ۾ هڪ پارڪ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ويجهو مني زيرو پوائنٽ وٽ  ۽ ٻي سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن وٽ قائم ڪئي ويندي ته جيئن سنڌ يونيورسٽي اندر ڪو تخريباڪري جو واقعو پيش نه اچي سگهجي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 10 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي