سنڌ زرعي يونيورسٽي جا سمر سيشن امتحان 19 جنوري کان شروع ٿيندا

در . يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بيچلر جي سڀني ڪلاسن جا سمر سيشن امتحان 19-جنوري کان شروع ٿيندا، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي امتحانن بابت ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب يونيورسٽي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي بيچلر ڊگري پروگرام جي بي ايس سي (ايگري) آنرس، بيِ اِي (ايگري) بي ايس سي (آنرس)، ڊي وي ايم ۽ بي ايس آئي ٽي(آنرس) جي مڙني فيڪلٽين جي مڙني ڪلاسن جا امتحان 19-جنوري 2015 کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن امتحاني فارمن وصول ڪرڻ جي آخري تاريخ 13-جنوري 2015، ليٽ في سان فارم 14-کان 15 جنوري ۽ اسپيشل ليٽ في 16-جنوري کان امتحانن تائين فارم جمع ڪرائي سگهجن ٿا.امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ 75-سيڪڙو حاضري قرار ڏنل آهي، هوڏانهن ٻي پڌرائي موجب تدريسي سال 2013 لاءِ يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جي ماسٽرس سميت  پوسٽ گريجوئيشن جي پهرين ٽرم جا سپلمينٽري امتحان 12-جنوري کان شروع ٿي رهيا آهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 11 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي