بحرين ۾ حڪومتي پوليس جي شيعه مظاهرين مٿان فائرنگ، 5 ڄڻا شهيد

در . سعودي عرب ۽ خليج فارس

بحرين ۾ پوليس جي حڪومتي پوليس جي شيعه مظاهرين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، واقعو گادي واري هنڌ مناما ويجهو دراز نالي شهر ۾ شيخ آيت الله عيسي قاسم جي گهر تي ڇڙهائي دوران پيش آيو، جتي سڪيورٽي فورسز مذهبي شيعه عوامي اڳواڻ آيت الله عيسيٰ قاسم جي گهر تي ڇاپو هنيو، ان دوران مظاهرو ڪندڙ ماڻهن تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان 5 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، انهي جڳهه تي مظاهرين شيخ آيت الله عيسي قاسم جي حق ۾ پر امن مظاهرو ڪري رهيا هئا،بحرين جي گهرو وزارت موجب ڇاپي دوران 5 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 286 کي گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته مذهبي شيعه عوامي اڳواڻ آيت الله عيسيٰ قاسم جي سموري ملڪيت تي حڪومت قبضو ڪيو آهي ۽ هڪ سال جي سزا پڻ ڏني آهي، بحرين حڪومت گذريل سال سندس شهريت منسوخ ڪري ڇڏي هئي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 28 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي