عرب اسلامي ملڪن جي سربراهن کي آمريڪا جي صدر جو درس

در . سعودي عرب ۽ خليج فارس

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ تهذيبن جو ٽڪراءُ ناهي، اهو انهن ڏوهارين خلاف آهي، جيڪي انسانيت جي محافظ مذهب جو نالو استعمال ڪن ٿا، اها نيڪي ۽ بدي جي جنگ آهي، ڪالهه هتي آمريڪا عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ اسان جو گڏيل مقصد آهي،  عالم اسلام کي اهو ليڪچر ڏيڻ نه آيو آهيان ته انهن کي ڪيئن رهڻ گهرجي؟، اسان ڪنهن تي به پنهنجي مرضي مڙهڻ نه ٿا چاهيون، اسان سعودي عرب ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي سينٽر جو به افتتاح ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا خودمختيار ملڪ آهي، پنهنجي شهرين جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي، اسان نئين دور مان گذري رهيا آهيون، پنهنجن ايندڙ نسلن کي باعزت ۽ محفوظ مستقبل ڏيڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان ڪجهه مهينن اندر آمريڪا ۾ 10 لک نوڪريون پيدا  ڪيون، هن چيو ته اسان سمورن اسلامي ملڪن سان گڏجي هلڻ چاهيون ٿا، امن لاءِ نون شراڪتدارين طرف وڌڻو پوندو، ڊونالڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته انتهاپسندي خلاف جنگ جو مقصد ڪنهن گروپ کي نشانو بڻائڻ ناهي، شام ۾ انسانيت جي دشمنن ۽ داعش جو خاتمو آڻڻو پوندو، اڄ اربين ماڻهو اسان طرف ڏسي رهيا آهن، اسان دهشتگردي کي ختم نه ڪيو ته مستقبل وڌيڪ خطرناڪ هوندو، جيڪڏهن سڀ ملڪ گڏجي دهشتگردن خلاف وڙهن ته ڪير به اسان کي شڪست نه ٿو ڏئي سگهي، ٽرمپ وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ مسلمانن، يهودين ۽ عيسائين کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻو پوندو، آمريڪا دنيا ۾ جنگ نه پر امن چاهي ٿو، انتهاپسندي جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي، هي جنگ انهن خلاف آهي، جيڪي خدا کي نه پر رڳو دهشتگردي کي مڃين ٿا، دهشتگردي سبب عرب دنيا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، سعودي عرب دهشتگردي خلاف مختلف ملڪن کي گڏ ڪيو، جڏهن ته ايران دهشتگردي کي تربيت ڏئي رهيو آهي، اهو علائقي ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي، ايران جيستائين سهڪار نه ٿو ڪري، ان وقت تائين سمورا ملڪ کيس اڪيلو ڪرڻ لاءِ قدم کڻن، مسلمان نوجوانن کي خوف کان بنا زندگي گذارڻ جو حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب طرفان ميزباني منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي، سعودي عرب سان اربين ڊالرن جا دفاعي معاهدا ڪيا آهن، جن ۾ 110 ارب ڊالرن جو دفاعي معاهدو به شامل آهي، هن چيو ته داعش کي تيل وڪري کي روڪڻ لاءِ مالياتي ذريعا روڪڻ جي ضرورت آهي، ذميوار ملڪ شام ۾ انساني بحران ختم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جو مقصد سٺي ۽ خراب ۾ فرق ڪرڻ آهي. ان کان اڳ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته ايران دهشتگردي جو مرڪز بڻيل آهي، اهو خميني انقلاب کانپوءِ ٻين ملڪن جي مامرن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ايران اسان جي خاموشي کي ڪمزوري ۽ پنهنجي تدبر کي پنهنجي فتح نه سمجهي، اسلام امن جو پيغام ڏئي ٿو، هڪ بيگناهه کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت کي قتل ڪرڻ برابر آهي، دهشتگردن مسلمانن جي قبلي کي نشانو بڻائڻ جي سازش ڪئي پر بدي جون طاقتون جتي به هجن، انهن خلاف متحد رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، اسلامي فوجي اتحاد دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، اميد ڪريون ٿا ته ٻيا ملڪ به ان اتحاد ۾ شامل ٿيندا، شاهه سلمان بن عبدالعزيز وڌيڪ چيو ته سعودي عرب کي دهشتگردي جو خطرو رهيو آهي پر اسان دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته داعش سميت سمورين دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو چاهيون ٿا، دهشتگردن جي معاونت ڪندڙن جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين انجام تائين پهچائينداسين، شريعت جو سڀ کان اهم مقصد انساني جان جو تحفظ آهي، بدي جي قوتن سان وڙهڻ مسلمان ملڪن جي ديني ۽ رياستي ذميواري آهي، هن چيو ته شام جي بحران سان نبرڻ عالمي برادري جي ذميواري آهي، اسان کي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف وڙهڻ لاءِ پر عزم آهيون، چاهي انهن 

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 9 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي