سعودي عرب ۾ اسلامي ڪيلينڊر بدران عيسوي ڪيلينڊر لاڳو ڪرڻ جو اعلان

در . سعودي عرب ۽ خليج فارس

سعودي حڪومت پنهنجي ڇهه سئو سالن جي قديم روايت ختم ڪندي هاڻي اسلامي ڪيلينڊر جي جاءِ تي عيسوي ڪيلينڊر لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نجي ويب سائيٽ موجب سعودي حڪومت پاران اهڙو اعلان تيل جي قيمتن جي ڪري پيش ايندڙ سنگين معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ڪيو آهي. عالمي ويب سائيٽ ”سپوتنگ نيوز“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلامي ڪيلينڊر جي جاءِ تي عيسوي ڪيلينڊر لاڳو ڪرڻ جو اعلان گذريل ڏينهن سعودي عرب جي نائب ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان السعود پاران ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته رياست جلد اسلامي ڪيلينڊر ختم ڪري عيسوي ڪيلينڊر تي منتقل ٿي ويندي. واضح رهي ته هجري، اسلامي يا قمري ڪيلينڊر نبي ڪريم صلِّ الله عليه وسلّم جي مديني هجرت واري سال کان شروع ٿيندو آهي ۽ چنڊ جي زمين جي چوڦير گردش جي بنياد تي ان جو تعين ڪيو ويندو آهي. عيسوي يا شمسي ڪيلينڊر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄم واري سال کان شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زمين جي چوڌاري ڦيري سان ان جون تاريخون تبديل ٿين ٿيون. عيسوي سال ۾ هجري سال جي ڀيٽ ۾ تقريباً 11 ڏينهن وڌيڪ هجن ٿا ۽ سعودي حڪومت جو عيسوي ڪيلينڊر ڏانهن منتقل ٿيڻ جو مقصد به اهو آهي ته ملازمن کي ان پگھار ۾ 11 ڏينهن وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. هوڏانهن عيسوي ڪيلينڊر تي منتقل ٿيڻ واري نائب ولي عهد جي اعلان کي سعودي اٿارٽين پاران شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 59 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي