سعودي عرب ۾ 12 منزلن تي ٻڌل دنيا جي وڏي هوٽل جي بناوٽ

در . سعودي عرب ۽ خليج فارس

d54915f9-77ed-4124-acfe-f4df6ae659f5سعودي عرب ۾ دنيا جو وڏو هوٽل ٺھي رهيوآھي مڪه مڪرمه ۾ 12 ٽاورن تي ٻڌل هن هوٽل ۾ 10000 بيڊروم 70 جي ريسٽورنٽ مسجد بس اسٽينڊ جي سهو لتن سان 68000 اسڪائر فٽ تي ٺھندڙ دنيا جو وڏو هوٽل حرم شريف کان 2ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھي، هن هوٽل تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو 5.3 پنج ملين ريال لگا ويو آهي، ھوٽل جا 2 ٽاور فائيو اسٽار ۽ 10 فوراسٽار هوندا ۽ هوٽل جي 4 ٽاورن جي ڇت تي هيلي پيڊ جي سهولت به هوندي، هوٽل کي 2017 ۾ حج پانڌئينڙن ۽ عمرو ڪندڙ زائيرين لاء کوليو ويندو، جنهن سان لکين حاجي پانڌيڙا بهترين سهولتون حاصل ڪندا.سعودي عرب جي هن هوٽل کي برج الڪدي جو نالو ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته ان کان پهرين دنيا جو سڀ کان وڏو گهڙيال پڻ مڪه مڪرمه ۾ مڪه ٽاور جي نالي سان قائم ٿيل آهي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي بلنڊنگ جو ڪم به سعودي عرب جي شھر جدا ۾ جاري آهي،جڏهن ته دنيا جو سڀ کان وڏو جهنڊو به سعوي جي شهر جدا جي نالي ٿيل آھي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 78 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي