شام ۾ آمريڪي بمباري سان هزارين شهري اجل جو شڪار

در . سعودي عرب ۽ خليج فارس

150502122819__78470100_024401122-1انساني حقن واري تنظيم سان لاڳاپيل ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته شام جي اترين علائقن ۾ آمريڪا جي نظر هيٺ داعش جي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ بمباري ۾ 50کان وڌيڪ سهري فوت ٿيا آهن.سيرين آبزرويٽري ڦار هيومين رائٽس مطابق بِرمحل نالي ڳوٺ تي ڪالهه بمباري ڪئي وئي ۽ ڪجهه ماڻهو اڃان تائين گهرن جي ڍير هيٺان دٻيل آهن.اتحادي فوج پاران ان باري ۾ هن وقت تائين ڪو به بيان اڳيان نه آيو آهي.ان کان اڳ انساني حقن واري تنظيم پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته هن وقت تائين اتحادي فوج  جي هوائي حملن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن  جن ۾ 1922دولت اسلاميه جا ويڙهاڪ به شامل آهن.خبر مطابق انساني حقن واري تنظيم سيرين آبزرويٽري جي اڳوان عبدل الرحمان جو چوڻ هو ته آمريڪا پاران ڪيل هن هوائي حملي ۾ 52 شهري فوت ٿيا آهن.فوتين ۾ 7 ٻار به شامل آهن ۽ 13 ماڻهو اڃان تائين گم آهن.واضع رهي ته هن ڳوٺ جي ويجهو دولت اسلا ميا ۽ ڪردون جي وچ ۾ چڪريون هلندڙ آهن.شر پسند دولت اسلاميا شام ۽ عراق جي وڏن حصن تي قبضو ڪيو آهي ۽ شامي فوج کانسواءِ ٻين باغي گروهن سان به هنن جو چڪريون هلندڙ آهن.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 96 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي