تعليم کاتي ۾ ڪرپشن:سيڪريٽري فضل الله پيچوهي جا گرفتاري وارنٽ جاري

در . تعليم ۽ تربيت

Fazlullah-Pechuhoڪرپشن ٽوڙ عدالت پاران سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، تفصيل مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو تي ڪرپشن ڪرڻ ۽ پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، اينٽي ڪرپش ڪورٽ هن جي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي هن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، نيب پاران تعليم کاتي ۾ چٽا ثبوت گڏ ڪرڻ کانپوءِ فضل الله پيچوهو جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ به ايف آءِ اي پاران فضل الله پيچوهو کي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ کان روڪيندي هن جي چرپر تي نظر رکندڙ کاتي جي لسٽ ۾ هن جو نالو شامل ڪيو ويو. ياد رهي ته فضل الله پيچوهو پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻ، شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ڀيڻيوو آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 45 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي